عبدالستار اسحاق حاجي

عبدالستار اسحاق، حاجي: ناليوارو مسلم ليگي اڳواڻ، تحريڪ پاڪستان ۾ قائداعظم جو ويجهو ساٿي ۽ ڪارڪن تحريڪِ خلافت مالابار، حاجي عبدالستار اسحاق 1886ع ڌاري تلچري ڪيرالا (مالابار) ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق واپاري خاندان سان هو. هن سياسي سفر جي شروعات تحريڪ خلافت سان ڪئي. 1934ع ۾ مرڪزي قانونساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1938ع ۾ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي مجلس عامله جو رڪن منتخب ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ قائداعظم جي چوڻ تي پاڪستان لڏي آيو، ته کيس پهريان مصر ۽ پوءِ سعودي عرب ۾ پاڪستان جو پهريون سفير مقرر ڪيو ويو. ان کان سواءِ هن سري لنڪا ۾ به سفير طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن 31 مئي 1988ع تي 102 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي ڪڇي ميمڻ قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو